Javascript required
Skip to content Skip to sidebar Skip to footer

Sindhi Poetry for Culture Day

Best Sindh Poetry | 2 Line Sindh Shayari | Sindhi Culture Day 2019

In this post I,m only discussed Sindhi Poetry  and Shayari Yes I will be share Beautiful 2 line Sindhi Shayari  and Sindhi Poetry Pics  with SMS collection to express your heart feelings.

That is an awesome and such a great collection of 2 lines Sindhi Shayari with Sad Sindhi Poetry that truly amazing. Keep enjoy and share with friends following images.

Poetry is beautiful not only in Urdu there are many different languages in Pakistan & India that truly sweet for poetry like Sindhi.I see that people around the states of this language love to read the poetry in their local languages.

سنڌڙي! تنهنجي سينڌ ڏسي،

رات ڀٽائي گهوٽ رُنو؛

شيخ اياز

________________________________________________

ڪوئي ته تماچي اچڻو آ !

۽ نوُرا پائي نورئ کي

ئي لھرون لھرون نچڻو آ !

(شيخ اياز )

_____________________________________________________________________
تون جو مون کي ڪونه مڃيندين

مون کي ڪابه پرواه نه آهي

آئون سڀاڻي لاء لکان ٿو

جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي

مون تي ميڙو مچڻو آهي

شيخ اياز

 ________________________________________________

منهنجي من جي مٽيءَ ۾،

ڏاڙهونءَ جهڙو ڏنڀ ڦٽو؛

هينئون گهايل هرڻيءَ جيئن،

سامهون سارو وارياسو .

شيخ اياز

 ________________________________________________


ڪجھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪيو سڀ شور اجايو آ پيارا

ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي،

ائين وقت ڪٽيو، ائين عمر لُٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا

شيخ اياز

 ________________________________________________

ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان

خبر نه آهه گهڻا ڏينهن زندگي آهي

سڀاڻي سج نه نڪري متان گهٽائن مان

سڀاڻي ٽهڪ نه ٻڌجن متان َفضائن مان

سڀاڻي مهڪ نه ايندي ايئن هوائن مان

اچين ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽري آهي

وري سڳنڌ ايئن ٻي اچي ڪڏهن نه متان

ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان

شيخ اياز

 ________________________________________________

اڙي اڙي! ترس ترس، ڪنهن کي مٽائين ٿو، بي خبر، نظر ڪر،

"اياز" آ شاعر محبت، اڙي زمانا! اڙي زمانا

شيخ اياز

 ________________________________________________

چوڏينھنءَ جي چانڊوڪي آھي، پرين ب ہ آھي پاس،

تو کي ڇا ٿيو آ منھنجا من، تو ڇو آنھ اُداس

شيخ اياز

 ________________________________________________

قدم قدم ھجوم رندان، نظر نظر شراب خانا،

ڪري ويو ڪير بارشي مي، خمار آلود ہ ٿيا زمانا

شيخ اياز

 ________________________________________________

واڪا ڪندي ووءِ صديون تولئه سنڌڙي

جا خدا کان ن ہ ٿي، جا ن امڪان ۾

ڪاله کان ڳاله ہ سا آه انسان ۾

رات نانگڻ ب ہ آ، رات جوڳڻ ب ہ آ،

رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾

هو ت ہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،

مينهن برسي پيو ڪاله ہ شمشان ۾

بادلو! بادلو! ڪجھ ت ہ برسي وڃو،

رات ترسي وڃو هن بيابان ۾

عشق تنهنجو اياز آه ہ انسان سان،

هو چون ٿا ت ہ تون ناهين ايمان ۾

شيخ اياز

 ________________________________________________

مون سان وڙهڻ

آسان نه آهي

تون امير خسروءَ جي سِتار کان وٺي

ميران ٻائيءَ جي گيت تائين،

سڀ سان وڙهي رهيو آهين

۽ ڀٽائي کي ايتري ڪاوڙ آهي،

جو ڪنهن ڏينهن

هو پنهنجي دنبوري سان

تنهنجو سِر ٽوڙي وجهندو

شيخ اياز

________________________________________________

مون کي ماريندين،

تون ئي پوَندي کوٽِ ۾

ٻوليءَ وليون ايتريون، ڪيئن ڦلاريندين؟

جَڙون، جن کي جُڳَ ٿيا، ڪيئن جياريندين؟

مون کي سانوڻ مينهن جئن، سدا ساريندين

شيخ اياز

ڪَتين ڪَرَ موڙيا جڏهن 2

ڏات وڏي شيءِ ناهي،

پر سَچُ وڏي شيءِ آهي،

۽ جو سَچ مچائي مَچ

سو مَچ وڏي شيءِ آهي

شيخ اياز

________________________________________________

گيت

آءُ وهاڻي ويل،

گهڙيءَ جا ميل محبت ڪنهن جي ناهي رهندي

ڪنهن جي ناهي جُوءِ

مگر خُوشبو سدائين آڻي هِير الهندي

پورو ٿيندو پنڌ

سندءِ سوڳنڌ حياتي ويندي ڪهندي ڪهندي

او، منهنجا محبوب

سندم مطلوب اُٺي جي واءُ وڃي ٿي کهندي

ڄاڻان ٿو انجام

ڀري ڏي جام چانڊوڪيءَ جئن لهندي

شيخ اياز

________________________________________________

ڀونر ڀري آڪاس

سڀڪا مومل سڀڪو راڻو

پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي

لُڙڪ به سڀ کي مُرڪ به سڀ کي

سونهن پياري سُرڪ به سڀ کي

پيار به سڀ کي پُور به سڀ کي،

نينهن ڏنا ناسورَ به سڀ کي

هار به سڀ کي، جِيت به سڀ کي

مٺڙا مٺڙا مِيت به سڀ کي

سڀ کي ڳوڙها ۽ ڳاراڻو !

پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي

سڀڪو مومل، سڀڪو راڻو

پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي

شيخ اياز

ڇا تون دانشور آهين؟

ها، تنهنجي دانش ۾ وَِِِرُ ضرور آهي

شيخ اياز

 ________________________________________________

هاءِ، پرين ياد آيا

رات انڌيري، واءُ ٿڌيري، اُڀ تي تارا ڇايا

هاءِ، پرين ياد آيا

جهومر وارا، پيارا پيارا، نيريءَ گَهرائيءَ ۾ تارا

مون جئن اک به نه لاتائون ٿي، پل پل جهاتيون پاتائون ٿي

آهي نينهن به ننڊ جو ويري، جاڳي مون جاڳايا

هاءِ، پرين ياد آيا

ڏيئا ٽِواٽي تي مون ٻاريا، لنگهي ويا سَوَ اُن تان ڌاريا،

آس نه لاٿي، باس به باسي، گذري وَئي پر ٻي چوماسي

جئن جئن پوءِ، تئن پياس گهڻيري، آتا هاءِ اُڃايا

هاءِ، پرين ياد آيا

پوئين پهر فضا گهوماٽي، جهُلڪي تي ٿي سَرد ڏياٽي،

ڪاريون ڪاريون هو گهرايون، وَٽَ کائيندي جئن لهرايون

دور ڦٽي تئن باک ڀليري، گرجا گهنڊ وڄايا

هاءِ، پرين ياد آيا

شيخ اياز


Sindhi Poetry for Culture Day

Source: https://www.hindipoetry.xyz/2018/11/best-sindh-poetry-2-line-sindh-shayari.html?m=1